آپريشن ڪلين اپ

آپريشن ڪلين اپ:”سھراب ڳوٺ“ (ڪراچي) ۾ جمع ٿيل ناجائز ۽ غيرملڪي ھٿيارن ۽ منشيات جي اڏن جي صفائيءَ لاءِ حڪومت سنڌ جي خاص پوليس ڪارروائي، جيڪا 12 ڊسمبر 1986ع تي ان وقت جي وزيراعليٰ سيد غوث علي شاھ جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. انھيءَ ڪارروائيءَ جو نالو ”آپريشن ڪلين اپ“ رکيو ويو. سھراب ڳوٺ کي ”ڪراچيءَ جو دروازو“ چيو ويندو آھي. ھتي پھرين پٺاڻن جا آٽو پارٽس جا دڪان ھئا، جن کي بعد ۾ پوليس ڪارروائيءَ ذريعي متبادل جاين ڏانھن منتقل ڪيو ويو. ھتي باڙا مارڪيٽ ۾ سمگل ٿيل مال وڪرو ٿيندو ھو. ان کان علاوه پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ تيار ٿيل ھٿيارن ۽ غيرملڪي ھٿيارن جو به ھتي ناجائز وڪروٿيندو ھو. سھراب ڳوٺ منشيات، خاص ڪري ھيروئن جو مشھور اڏو ھو. آپريشن ڪلين اپ جي نتيجي ۾ سھراب ڳوٺ ڪجهه وقت لاءِ ناجائز ھٿيارن ۽ منشيات کان پاڪ ٿي ويو، پر پوءِ وري ساڳيو سلسلو شروع ٿي ويو .


لفظ آپريشن ڪلين اپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.12.12  عيسوي

” سھراب ڳوٺ “ ( ڪراچي ) ۾ جمع ٿيل ناجائز ۽ غيرملڪي ھٿيارن ۽ منشيات جي اڏن جي صفائيءَ لاءِ حڪومت سنڌ جي خاص پوليس ڪارروائي ، جيڪا 12 ڊسمبر 1986ع تي ان وقت جي وزيراعليٰ سيد غوث علي شاھ جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي . انھيءَ ڪارروائيءَ جو نالو ” آپريشن ڪلين اپ “ رکيو ويو .



تاريخ ۽ واقعا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تخت سليمان
عالم الوفود
دروهر راءِ
روسي انقلاب
جليانوالا باغ واقعو
ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو
جاڙي جبل واري جنگ
ٻي سنڌي ادبي ڪانفرنس
خرابيء سنڌ
آپريشن ڪلين اپ
تاريخ ۽ واقعا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون